اويس قرنيِ حضرت

اويس قرنيِ، حضرت: مشهور تابعي، جنهن جي نالي بابت مختلف روايتون ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن. ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي، ته حضرت قرني جو پورو نالو خواجا اويس بن عامر قرني هو. جڏهن ته ڪي ڪتاب وري ٻڌائين ٿا، ته سندس نالو عبدالله ۽ ابن عبدالله هو. ڪٿي وري سندس نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي ۽ سندس والده کيس ”اويس“ جي نالي سان سڏيندي هئي. سندس وطن يمن هو ۽ بني مراد قبيلي سان تعلق هوندو هئس. حضرت اويس، پاڻ سڳورن جي حياتيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ليڪن پاڻ سڳورن سان سندس ملاقات ٿي نه سگهي هئي. پر حضرت اويس پاڻ سڳورن سان غائباڻو عشق رکندڙ هو. سن 17 هه مطابق 638ع ۾ يعني حضرت عمر فاروق رضه جي خلافت واري وقت ۾، يمن کان مديني شريف آيو. جتي حضرت عمر رضه سان ملاقات ڪيائين. ان کان پوءِ ڪوفي هليو ويو.
حضرت اويس قرنيءَ بابت هڪ مشهور روايت ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي، ته جڏهن حضرت اويس قرنيءَ کي ”احد واري جنگ“ دوران، رسول الله صلي الله عليه وسلم جي هڪ ڏند مبارڪ جي شهيد ٿيڻ جي خبر پئي ته هن جي دل تي ان واقعي جو ايڏو ته گهرو اثر پيو، جو ان ڏک ۾ پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو کيس اندازو ئي نه پئي ٿي سگهيو، ته پاڻ ڪريم
صلي الله عليه وسلم جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو.
حضرت اويس قرني، تقويٰ ۽ عبادت جي لاءِ ڏاڍو مشهور هو. چون ٿا ته صفين واري جنگ، پاڻ حضرت علي عليه السلام جي طرفداريءَ ۾ وڙهيو هو ۽ ان جنگ ۾ ئي شهيد ٿيو هو. حضرت اويس بابت پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”اويس قرني، تابعين ۾ سڀ کان بهتر آهي.“ اهو ئي سبب آهي، جو کيس ”سيد التابعين“ جو لقب مليل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو